رباعيات احسن

رباعيات احسن

رباعيات احسن

رباعيات احسن (ڪتاب): هي ڪتاب ڪهنه مشق شاعر حافظ محمد احسن چنا جي رباعين جو مجموعو آهي، جنهن جو انتساب احسن صاحب مخدوم طالب الموليٰ جي نالي هيٺينءَ ريت رباعيءَ ۾ ڪيو آهي:
منسوب ڪريان طالب الموليٰ سان ڪتاب،
منظور ڪري جي هو کڻي عالي جناب،
سڀ پورا ٿين دل جا مقاصد احسن،
مقبول اديبن ۾ وڃي ٿي هيءَ شتاب.
ديباچي ۾ احسن صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين رباعيات جا ڪتاب شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، محمد بخش واصف، مير علي نواز خان ’ناز‘ ۽ حضرت طالب الموليٰ جا اشاعت هيٺ آيل آهن. مون هن ڪتاب ۾ 150 رباعيون لکيون آهن، جن ۾ ڪي خيال پنهنجا ۽ ڪي فارسي ۽ اردوءَ وارن جا آهن.“
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1955ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 1956ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي طبع ثانيءَ بابت حاجي محمود خادم لکي ٿو ته، ”احسن جي رباعين ۾ سرمد وارو سر ۽ خيام واري خُنڪي سمايل آهي.“
ڪتاب جي تقريظ ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي لکيل آهي، جنهن ۾ هن رباعيءَ جي اهميت بيان ڪرڻ کانپوءِ لکيو آهي ته، ”سنڌي زبان ۾ آڳاٽا رباعي گو فقط آخوند محمدقاسم، هز هائينس مير علي نواز خان ’ناز‘ والي رياست خيرپور ۽ شمس العلماءَ مرزاقليچ بيگ نظر اچن ٿا، جن جون رباعيون ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. موجوده دور جي شاعرن ۾ مرحوم علي محمد قادري لاڙڪاڻوي، فخر الشعراءِ محمد بخش واصف، حافظ محمد احسن ، پرسرام ضيا ۽ هي خاڪسار آهن. انـهـن مـان رڳو واصف صاحب ۽ فقير علي محمد قادريءَ جون رباعيون ڇپيل آهـن . . . . . . . . . .ثابت آهي ته سنڌي رباعيءَ کي لکئي اڃا گھڻو عرصو ڪين گذريو آهي، تنهنڪري ٻه دور آسانيءَ سان مقرر ڪري سگھجن ٿا: هڪ اڳاٽو، جنهن ۾ قاسم، قليچ ۽ ناز اچي وڃن ٿا ۽ ٻيو موجـوده دؤر، جنهن ۾ قادري، واصف، احسن عزيز، ضياءِ ۽ هي خاڪسار شامل آهن.“
خليل صاحب احسن جي رباعين تي تفصيلي نوٽ لکيو آهي. ڪتاب جي قطع تاريخ پير علي محمد ’اظهر‘، صديقي قريشي ريلائيءَ لکي آهي، تقريظ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ پيش لفظ مولانا غلام محمد گراميءَ لکيو آهي، جڏهن ته حافظ محمد احسن جي سوانح حيات غالب ملڪاڻيءَ لکي آهي.
حافظ احسن چنا جي هڪ رباعي نموني طور پيش ڪجي ٿي:
بلبل نه سدا هوندي، نه گلشن هوندو،
نت عمر جو فانوس نه روشن هوندو،
جا رهندي وڃي پٺتي سا احسن نيڪي،
هيءَ زندگي هوندي نه ڪي جوڀن هوندو.
ڪرائون سائيز جي 74 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي، جڏهن ته هي ڪتاب ڪليم پرنٽنگ پريس دادوءِ مان 1956ع ۾ شاعر خود ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو